دائودپوٽو، محمد مبارڪ خان عباسي ثاني

دائودپوٽو، محمد مبارڪ خان عباسي ثاني

دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي ثاني

دائودپوٽو، محمد مبارڪ خان عباسي (ثاني): نواب محمد بهاول خان عباسيءَ (اول) جي وفات کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ دائودپوٽو محمد مبارڪ خان ثاني عباسي تخت نشين ٿيو ۽ 1162هه/1749ع ۾ بهاولپور جو حاڪم بڻيو. هن حاڪم ٿيندي ئي فلاحي ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، 1164هه/ 1751ع ۾ جيسلمير تي حملو ڪري مروٽ جو قلعو فتح ڪيائين. نواب محمد مبارڪ خان ثانيءَ جي اثر رسوخ کي ڏسي احمد شاهه ابدالي فڪرمند ٿيو ۽ پنهنجي هڪ جرنل جهان خان کي اُچ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليائين. جهان خان 1164هه/ 1751ع ڌاري اُچ تي حملو ڪيو، پر کيس نواب محمد مبارڪ هٿان شڪست ملي. 1171هه/ 1757ع ۾ جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي پنهنجن ٻن ڀائرن ميان عطر خان ڪلهوڙي ۽ ميان احمد يار خان ڪلهوڙي سان جنگ لڳي ته نواب محمد مبارڪ خان عباسي ثاني غلام شاهه جو سـاٿ ڏنـو. ميـان غــلام شـاهه ڪلهـوڙي بيـڪانيـر مـان پنهـنجـو وڪيـل، محمد مبارڪ خان عباسيءَ ڏانهن بهاولپور موڪليو ته منهنجي لاءِ امن سان رهائش جو انتظام ڪيو وڃي، انهيءَ تي نواب محمد مبارڪ، ميان غلام شاهه ڏانهن سفير موڪليو ته اوهان بنا ڪنهن تڪلف جي هيڏانهن هليا اچو، هيءَ گهر اوهان جو پنهنجو آهي. انهيءَ کانپوءِ ميان غلام شاهه جلد وڃي بهاولپور پهتو، انهيءَ وچ ۾ سنڌ جون حالتون خراب ٿي ويون. ميان غلام شاهه هڪدم نواب محمد مبارڪ خان سان مشورو ڪري، کانئس مدد گهري. محمد مبارڪ خان پنهنجي عزيزن مان محمد فتح خان (نواب محمد مبارڪ جو ڀاءُ)، مهرو خان، احمد خان فيروزائي ۽ محمد ڄام علياڻيءَ کي ميان غلام شاهه سان موڪليو. جنگ ۾ ميان غلام شاهه کي فتح حاصل ٿي ۽ هو سنڌ جو حاڪم ٿيو. 1766ع ۾ سکن بهاولپور تي حملو ڪيو، پر نواب محمد مبارڪ خان ثانيءَ کين شڪست ڏني. هن پنهنجي حڪومت دوران مبارڪپور، احمدپور شرقيه، سبزل ڪوٽ، دين ڳڙهه، سردار ڳڙهه، ڳڙهي اختيار خان، خيرپور وغيره جهڙا شهر آباد ڪرايا.
هن 1772ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو